لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو اڳوڻي مرڪزي نائب صدر ڊاڪٽر مشتاق شيخ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو، سندس جي جنازي نماز شهر جي باقراڻي ٽاور ڀرسان پارڪ ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي چيئرمين سيد جلال محمود شاهه، مرڪزي صدر زين شاهه، مرڪزي سينئر نائب صدر روشن ٻرڙو، مرڪزي نائب صدر منير حيدر شاهه، ڊاڪٽر ضياءَ شاھ، غلام شاهه، ڊپٽي سيڪريٽري پروفيسر انعام ڀٽي، سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مرحوم کي آلين اکين سان شهر جي ابوبڪر قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن مرحوم ڊاڪٽر مشتاق شيخ جي لاڏاڻي تي سندس فرزند ڪاشف شيخ سان سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي چيئرمين سيد جلال محمود شاهه، مرڪزي صدر زين شاهه، روشن ٻرڙو، سيد منير حيدر شاهه، روشن ٻرڙو، ڊاڪٽر سيد ضياءَ شاهه، ڊاڪٽر انعام ڀٽي ۽ ٻين اڳواڻن تعزيت ڪري گهري ڏک جو اظهار پڻ ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد جلال محمود شاهه ۽ زين شاهه چيو ته ڊاڪٽر مشتاق شيخ شاگرد سياست کان وٺي زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين قومپرست سياست ۽ سيد خاندان سان جڙيو رهيو، هو هڪ بهترين انسان پارٽي ۽ سنڌ جو هڏڏوکي هو، اسان سندس خاندان سان همدردي رکون ٿا.