لاڙڪاڻي ڀرسان عورت قتل، جوابدار مقتولڻ جو پٽ پاڻ سان گڏ کڻي ويو

0
594

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) باقراڻي تعلقي جي شهيد الاهي بخش سيال ٿاڻي جي ڳوٺ سونو جتوئي جي سرڪاري اسپتال ڀرسان دادو ڪئنال جي ڪپر تي اڻ سڃاتل 24 سالا عورت جو لاش هٿ آيو، اهڙي اطلاع ملڻ تي شهيد الاهي بخش سيال ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ڏوڪري اسپتال کڻائي وئي، رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته نامعلوم موٽرسائيڪل سوار پاڻ سان گڏ وٺي ايندڙ عورت کي موٽر سائيڪل تان لاهي گوليون هڻي قتل ڪري سندس معصوم ٻار به پاڻ سان کڻي فرار ٿي ويو، مقتولا عورت جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.