لاڙڪاڻو/ رتوديرو (نمائندن وٽان ) رتيديري جي ميرل جکرو محلي ۾ گوليون لڳڻ سبب 30 ورهين جي ڳورهاري سونيا زال ربنواز عمراڻي سخت زخمي ٿي پئي، پوليس عورت کي تعلقه اسپتال رتوديرو کڻائي آئي، جتان کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو اماڻيو ويو. جتي  زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي.لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال رتوديرو آندو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه سندس امڙ ممتاز خاتون وصول ڪيو، ان موقعي تي ھن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ذات جا سيد لاڙڪاڻي جي الهه آباد پاڙي جا رھواسي آھيون، مجاھد ڀٽي نالي شخص منهنجي ڌيءُ کي کڻي ويو، جنهن کپائي ربنواز عمراڻي کي ڏني ھئي، سونيا کي پنهنجي مڙس ربنواز عمراڻي قتل ڪيو آھي.ٻي طرف رتوديرو پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ربنواز عمراڻي لاڙڪاڻو جي يار محمد ڪالوني مان هڪ مهينو اڳ لڏي اچي رتوديرو ۾ مسواڙ تي جاءِ وٺي رهائش اختيار ڪئي هئي، اطلاع تي پهتاسين ته گھر ۾ ڪو به مرد موجود ڪونه هو، باقي ٻه معصوم ٻارڙا موجود هئا. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته سونيا زخمي هئڻ دوران ٻڌايو ته مڙس ربنواز عمراڻي گوليون هڻي فرار ٿي ويو.