لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ)  ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور ضلعي انتظاميا جي سوشل ميڊيا جي فيس بوڪ پيج تي ضلعي اندر ٿيل نقصانن جا انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته پوري سنڌ جيان لاڙڪاڻو ضلعو به طوفاني برساتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، سنڌو درياهه ۾ مسلسل چاڙهه سبب اسان کي ٻوڏ جو خطرو آهي، گذريل 15 جولائي کان برساتون هلندڙ آهن پر گذريل 11 ڏينهن کان چوٿون اسپيل هلندڙ آهي جنهن ڪري ڪو به گهر، ڳوٺ يا شهر ناهي بچيو جيڪو متاثر نه هجي. هن چيو ته ضلعي اندر 2 لک کان وڌيڪ گهر مڪمل  طور تباهه ٿي چڪا آهن،  لکين ماڻهو ڦاٿل آهن ۽ بي گهر ٿيا آهن جيڪو ضلعي جي آبادي جو 80 سيڪڙو آهي تنهن ڪري حڪومت وٽ هن آفت کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ناهي، اسان کي پنهنجي ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاءِ ماڻهن، سرندي وارن ۽ اين جي اوز کان مدد جي ضرورت آهي، اسان کي غريب ۽ متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ خيمن، خوراڪ  راشن جي ضرورت آهي جيڪڏهن اوهان مدد ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي ڏنل نمبرن تي رابطو ڪيو وڃي.