لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي ۾ رولو ڪتن 20 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو

0
169
سنڌ جا ماڻهو ڪتن جي وات

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو وڌيڪ 20 ڄڻن کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، جن کي وارث کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ قائم اي آر وي سينٽر تي آندو، متاثرن ۾ 10 سالن جو دلشاد پٽ حبدار علي، 10 سالن جو صمد پٽ مير حسين، 6 سالن جو امتياز پٽ عبدالرزاق، 50 سالن جي عزيمان خاتون زال محرم علي، 60 سالن جو سڪندر پٽ ولي داد ٻيا شامل آهن، جن کي ڊاڪٽرن پاران ڪتي ڏهاڙيلن کي ويڪسين ڪرائي ڊاڪٽرن پاران ڪيس گهر اماڻي ڇڏيو.