لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي عدالت گيس چوري جي ڪيس ۾ جوابدار جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، پوليس جوابدار کي هٿڪڙيون هڻي جيل اماڻي ڇڏيو. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ۽ گيس يوٽيلٽي ڪورٽ جي جج سمڪان حسين مغل جي عدالت ۾ علي گوهر ٿاڻي تي سوئي سدرن گئس ڪمپني جي ڊپٽي مئنيجر جي فرياد تي داخل گئس چوري واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت سوئي سدرن گئس انتظاميه ۽ جوابدار ڌر جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد گيس چوري واري ڪيس ۾ ڪچي ضمانت تي آزاد ٿيل جوابدار ذوالفقار علي سولنگي جي ضمانت رد ڪري کيس جيل حوالي ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان سوئي سدرن گئس ڪمپني جي لا آفيسر محمد رمضان چانڊيو ٻڌايو ته سوئي سدرن گئس ڪمپني جي ٽيم علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد غريب آباد پاڙي ۾ گذريل مهيني 29 مئي تي ڇاپو هنيو جنهن ۾ شهري ذوالفقار علي سولنگي ڪلپ هڻي چوري گئس استعمال ڪري رهيو هو، ڊپٽي مئنيجر بشارت علي ڀٽو جي فرياد تي مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو هو.