لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) عيدالاضحيٰ جي موقعي تي پوليس طرفان لاڙڪاڻو رينج جي پنجن ئي ضلعن لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعن ۾ سيڪيورٽيءَ جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن. ان حوالي سان ڊي آءِ جي ناصر آفتاب چيو آهي ته عيدالاضحيٰ جي موقعي تي رينج جي پنجن ئي ضلعن ۾ شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڪيورٽي آرڊر جاري ڪندي پنجن ئي ضلعن جي اهم ڪاروباري مرڪزن، مال پڙين، بازارن، شاپنگ مالز سميت ٻين عوامي هنڌن تي اضافي نفري مقرر ڪئي وئي آهي، مال پڙين جي سمورن راستن ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ خريدارن ۽ جانور وڪرو ڪندڙن جي قومي شاهرائن تي مسافرن جي سفر کي محفوظ ۽ سندن جي تحفظ کي هر صورت ۾ يقيني بڻائڻ لاءِ خصوصي سيڪيورٽي جا قدم کنيا ويا آهن، عيدالاضحيٰ جي موقعي تي پنجن ئي ضلعن جي مسجدن، امام بارگاهن ۽ کليل هنڌن تي ٿيندڙ اجتماعن جي سيڪيورٽي انتهائي سخت ڪئي وئي آهي، شهرين جي وڌندڙ رش کي نظر ۾ رکندي ٽريفڪ پلان تي ڀرپور عمل درآمد ڪرائڻ لاءِ رينج جي ايس ايس پيز کي ضروري هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته جيئن عيدالاضحيٰ جي ڏهاڙن دوران ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه اچي.