لاڙڪاڻو پوليس هندو ناري سونيڪا جو پتو لڳائڻ ۾ ناڪام

0
243
هندو ناري سونيڪا
هندو ناري سونيڪا

لاڙڪاڻو(ن پ ا) لاڙڪاڻي جي پوليس 3 ڏينهن اڳ مبينا گم ٿيل هندو ناري سونيڪا جو پتو نه لڳائي سگهي.

شهر جي علي گوهر آباد محلي مان ڊاڪٽر نامو مل جي نوجوان نياڻي سونيڪا ٽي اڳ مبينا طور لاپتا ٿي وئي، جنهن جي والد طرفان ٿاڻي اطلاع ڏنو ويو.

واضح رهي ته سونيڪا جي وڏي ڀيڻ آرتي به هڪ سال اڳ مسلمان ٿي ڪري ڪراچي واسي نوجوان سان شادي ڪئي هئي.