لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) پوليس ڳجهي اطلاع تي شهداڪوٽ رتوديرو روڊ جويا پل وٽ ڪارروائي ڪندي لاڙڪاڻي واسي ٻن ڄڻن انعام ڪلهوڙو ۽ رياض سانگي کي گرفتار ڪري سندن وٽان چار ڪلو چرس هٿ ڪري ورتو، پوليس موجب جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.