لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي پوليس شهر جي اوٺا چوڪ واري علائقي ۾ ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هڻي نظر پاڙي مان مهينو اڳ مبينا اغوا ٿيل 16 ورهين جي فرحان علي تنيو کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب فرحان علي تونيو مهينو اڳ 18 سيپٽمبر تي اغوا ٿيو، جنهن جي والد شبير تونيو اهڙو ڪيس ٻن اڻڄاتل جوابدار مٿان داخل ڪرايو هو.