لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پاپوليشن ويلفيئر کاتي طرفان شهر ڀرسان ڌامراهه ڳوٺ ۾ فيملي هيلٿ ميلو لڳايو ويو جنهن جو افتتاح اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو راجا خان قريشي، اسسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري فرزانه ميراڻي، اسسٽنٽ ڪمشنر رتوديرو ڪائنات طفيل شيخ، ڊويزنل ڪوآرڊينيشن ٽاسڪ فورس شهزاد علي، پاپوليشن کاتي جي ضلعي آفيسر ڪريم بخش ڀٽو ۽ ٻين گڏجي ڪيو. فيملي هيلٿ ميلي ۾ فيملي پلاننگ لاڙڪاڻو، پي پي ايڇ آءِ لاڙڪاڻو، آءِ آر سي، ميري اسٽوپس سوسائٽي، ڊي ايڇ او آفيس  سميت ٻين ادارن طرفان صحت جي حوالي سان اسٽال لڳايا ويا. فيملي هيلٿ ميلي ۾ سرڪاري توڙي نجي ادارن جي ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل عملي شرڪت ڪري 1280 ڳوٺاڻن جي مفت طبي چڪاس ڪرڻ سان گڏ فيملي پلاننگ جا 138 ڪيس ڪري مريضن توڙي فيملي پلاننگ ۾ حصو وٺندڙ عورتن کي مفت دوائون، ڪٽس ۽ ٻيو سامان ورهايو. فيملي هيلٿ ميلي ۾ فوڪل پرسن عبدالوحيد چانڊيو، پروگرام انچارج ڊاڪٽر جميلا قريشي، ڊاڪٽر شاهه بيگ، ڊاڪٽر ڪلثوم، ڊاڪٽر افروز، ڊاڪٽر رشيده، ڊاڪٽر نجم، ڊاڪٽر حرا ڪمبوهه، ڊاڪٽر ترنم، ڊاڪٽر ياسمين، ڊاڪٽر حليمه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.