لاڙڪاڻو( رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻو شهر جي ايمپائر روڊ تي گٽرن جو گندو پاڻي تلائن جي صورت اختيار ڪري ورتي جنهن ڪري اتان ايندڙ ويندڙ مرد، عورتون توڙي ٻارڙا سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لڳا آهن، گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب علائقي ۾ گندگي ۽ بدبوءِ ڦهلجڻ شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ان لاءِ علائقي واسين طرفان بار بار ميونسپل ڪارپوريشن جي عملي کي شڪايتون به ڪيون پر ان جي باوجود گندو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. ان حوالي سان علائقي واسين دانهيندي چيو آهي ته ميونسپل ڪارپوريشن کي صفائي سٿرائي جي مد ۾ ڪروڙين روپين جي بجيٽ ملندي آهي جن طرفان شهر جي سمورن يونين ڪاميٽين ۾ سوئيپر ۽ صفائي جو ٻيو عملو مقرر ٿيل آهي پر ان جي باوجود اسان جي علائقن ۾ گٽر اٿلي پيا آهن جنهن ڪري سڄو علائقو گندي پاڻي جي تلاءُ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، ڪيترائي ڀيرا ميونسپل عملي کي شڪايتون به ڪيون پر عملو اگهور ننڊ ستل آهي. هنن ميئر ۽ ضلعي انتظاميه کان گهر ڪئي فوري طور تي نوٽيس وٺي گٽرن جو گندو پاڻي نيڪال ڪرائي شهرين کي رليف فراهم ڪيو وڃي.