لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي ڀينس ڪالوني واسي جڳهن جي واپاري اسلم لاشاري پنهنجي وڪيل مظهر ڀٽو معرفت پاڻمرادو ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ٿيو، تي عدالت کيس حفاظتي تحويل طور لاڙڪاڻو سينٽرل جيل حوالي ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي اسلم لاشاري الزام لڳائيندي چيو ته اڳوڻي ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش منهنجي لهر باءِ پاس تي قائم جڳهه تي قبضي جي ڪوشش ڪندي چار مهينا اڳ مون کي ڪنگا پوليس هٿان گرفتار ڪرائي زبردستي جڳھه لکي ڏيڻ جو چيو ۽ انڪار ڪرڻ تي هن مقابلي ۾ مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، هن چيو ته مون کانئس مهلت ورتي ۽ بعد ۾ روپوشي واري زندگي گذاري، جنهن عرصي دوران مون مٿان لاڙڪاڻي شهر ۽ ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي پوليس مقابلن سميت 15 کان وڌيڪ سنگين نوعيت جا ڪيس داخل ڪرايا ويا، هن چيو ته اڳوڻي ايس ايس پي مسعود بنگش ۽ مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز مان جان جو خطرو آهي. هن مطالبو ڪيو ته داخل سمورن ڪيسن جي شفاف جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.