لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ الهندو ميربحر ۾ فيس بوڪ تي ڪمينٽ ڪرڻ تان ميربحر برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، گولي لڳڻ سبب 19ورهين جو نوجوان پيارو ميربحر زخمي ٿي پيو، وارثن کيس لاڙڪاڻو ٽراما سينٽر منتقل ڪيو، زخمي نوجوان جي وارث بابر ميربحر ٻڌايو ته بااثر ياسين تنيو جي چرچ تي ذوالفقار ميربحر، وقار، مسعود، راڻو، عادل ۽ ڪمال ميربحر وارن اوطاق تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، گولي لڳڻ سبب نوجوان پيارو ميربحر زخمي ٿي پيو، هن اپيل ڪئي ته حملي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. رابطو ڪرڻ تي پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته واقعو فيس بوڪ تي ڪمينٽس ڏيڻ واري معاملي تان پيش آيو.