لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ مون سون برساتن جي چوٿين اسپيل تباهي مچائي ڇڏي، تيز هوائن سان گذريل ٻن ڏينهن کان مسلسل هلندڙ برسات لاڙڪاڻي شهر کي ٻوڙي ڇڏيو آهي جنهن ڪري ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن ۽ سوين گهرن جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڊهي پيون آهن جيڪي کليل آسمان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. مسلسل هلندڙ برسات سبب شهر جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ، وي آءِ پي روڊ، پوليس لائين، اسٽيشن روڊ، جناع باغ روڊ، پاڪستاني چوڪ، بندر روڊ، بئنڪ اسڪوائر روڊ، اسپتالون، ٿاڻا، سرڪاري ۽ خانگي عمارتون، اسڪول ۽ ڪاليج برساتي پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، شهر جي وي آءِ پي روڊ سميت مختلف روڊن تي وڻ، ٿنڀا ۽ سائن بورڊ ڪرڻ سبب مواصلاتي نظام درهم برهم آهي. جڏهن ته سول لائين سميت ڪيترن ئي علائقن مان ماڻهن طرفان پنهنجو سامان برساتي پاڻي ۾ ڇڏي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. ٻئي پاسي طوفاني برسات سبب لاڙڪاڻي شهر جي 95 سيڪڙو علائقن ۾ بجلي مڪمل طور بند آهي جنهن ڪري شهر جا پمپنگ اسٽيشن ۽ ڊسپوزل مشينون بند ٿي ويون آهن جنهن ڪري شهر جي سمورن علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي ۽ شهري سخت اذيت ۽ مبتلا ٿي ويا آهن. ٻئي پاسي برسات سبب لڏپلاڻ ڪري شهر جي ٽيڪنيڪل ڪاليج، گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج، ريلوي گودام، رائيس ڪئنال جي ڪڙ سميت تعليمي ادارن ۽ سرڪاري عمارتن ۾ عارضي رهائش اختيار ڪري ويٺل ماڻهن کي راشن، خيما ۽ ٻيو سامان نه ملي سگهيو آهي جيڪي بي يارو مددگار حڪومتي مدد جي انتظار ۾ آهن.