لاڙڪاڻو (بيورورپورٽ) لاڙڪاڻي ويجهو آريجا ڦيڙهو ٿاڻي جي حد ڳوٺ شاهل عمراڻي ۾ عيد جي ٻئي ڏينهن پراڻي زميني تڪرار تان هٿياربندن گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 17ورهين جو پورهيت نوجوان اياز عمراڻي گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو، جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي مقتول پورهيت جي ڀاءُ اسد عمراڻي ٻڌايو ته اسان جو پنهنجي ئي برادري جي بااثر ماڻهن سان پراڻو زميني تڪرار هلندڙ آهي. هن الزام لڳايو ته ڳوٺ جا بااثر پيءُ رحمت الله جي نالي 7 جريب زرعي زمين تي سالن کان وٺي قبضي جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جن خلاف مختلف وقتن تي آريجا ڦيڙهو ٿاڻي جي پوليس کي شڪايتون ڪيون آهن پر پوليس ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري، هوڏانهن پورهيت جي قتل جو ڪيس مقتول نوجوان جي ڀاءُ اسد عمراڻي جي فرياد تي چئن جوابدارن حبيب الله، ڪريم بخش، محمد علي عمراڻي ۽ علي ڏنو شر مٿان داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.