لاڙڪاڻو: ثمينه گاڏھي حراسان ڪرڻ وارا ثبوت ٽائيم نيوز سان شيئر ڪري ڇڏيا

0
430
لاڙڪاڻو: ثمينه گاڏھي حراسان

لاڙڪاڻو (ن پ ا)  وارھ ڀرسان ڳوٺ قبو لاشاري جي رهواسڻ ليڊي ھيلٿ ورڪر ثمينه گاڏھي بااثر جوابدار دربان چانڊيو طرفان حراسان ڪرڻ وارا ثبوت ٽائيم نيوز سان شيئر ڪري ڇڏيا

ثمينه گاڏهي جو چوڻ آهي ته جعلي شناختي ڪارڊ ۽ نڪاح نامون ٺاھي ۽ تصويرون ايڊٽ ڪرائي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، يونين ڪائونسل مان ميرج سرٽيفڪيٽ  به جعلي ڪڍرايو ويو آهي

هن ٻڌايو ته اوريجنل شناختي ڪارڊ موجود آهي، جنهن تي منهنجي اصل شناخت آهي، تصويرون ايڊٽ ڪري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون ويون آهن

ليڊي ھيلٿ ورڪر ثمينه جو چوڻ آهي ته  ڊپٽي ڪمشنر  سميت لاڳاپيل عملدارن آڏو  دانھون ڪرڻ باوجود ڪو به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناھي

لاڙڪاڻو: ڪيس داخل ٿيل باوجود پوليس ليڊي هيلٿ ورڪر کي تحفظ نه ڏنو

لاڙڪاڻو (ن پ ا)  وارھ ۾ ليڊي ھيلٿ ورڪر کي مبينا حراسان ڪرڻ وارو مامري جو ڪيس داخل ٿيل آهي، ايف آءِ آر ڪاپي ٽائيم نيوز ھٿ ڪري ورتي

واقعي جي ايف آءِ آر داخل ھجڻ باوجود پوليس ليڊي ھيلٿ ورڪر کي تحفظ نه ڏئي سگهي ۽ نه ئي جوابدار گرفتار ٿي سگهيا

وارھ ٿاڻي تي جوابدار دربان ۽ سندس ڀائرن محمد پناھ، محمد علي مٿان حراسمينٽ جو ڪيس 11نومبر 2021  تي داخل ٿيل آهي، قمبر شھدادڪوٽ  جي ايس ايس پي بشير بروھي ليڊي ھيلٿ ورڪر ثمينا گاڏھي کي حراسمينٽ  ڪرڻ جي الزام ھيٺ آيل جوابدارن خلاف ڪا ڪاروائي نه ڪئي

ليڊي ھيلٿ ورڪر جو چوڻ آهي ته ايف آءِ آر داخل ھجڻ باوجود پوليس جوابدارن خلاف ڪاروائي نه ڪئي، پوليس جوابدار ڌر سان مليل آهي جان کي خطرو آهي تڏهن وڊيو وائرل ڪيو

ڊي آء جي آفيس جي وومين پروٽيڪشن  سيل انچارچ نغما ناز جو چوڻ آهي ته واقعي بابت ڄاڻ آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ حد جي پوليس کي ھدايتون ڪيون ويون آهن