لاڙڪاڻو: ايئرپورٽ ٿاڻي جي پوليس جي مبينا تشدد ۾ زخمي ٿيل نينگر دم ڏئي ڇڏيو

0
205

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) ايئرپورٽ ٿاڻي جي پوليس جي مبينا تشدد ۾ زخمي ٿيل نينگر دم ڏئي ڇڏيو، پوليس جي مبينا تشدد ۾ زخمي ٿيل 13ورهين جي ڪامران ابڙو گمبٽ اسپتال ۾ دم ڏنو، پوليس جو چوڻ آھي تھ اسان نينگر کي حراست ۾ نه ورتو هو، هو جنات جي اثر سبب فوت ٿيو آهي.

نينگر جي وارثن جو چوڻ آھي تھ  وڏي ڀاءُ تي چوري جو الزام هو، پوليس 13ورهين جي ڪامران ابڙو کي کڻي وئي هئي، پوليس جي تشدد ۾ نينگر کي مٿي ۾  ڌڪ لڳا، ايس ايڇ او لياقت کڄڙ40  هزار روپيا رشوت وٺي کيس ڇڏيو، وارثن موجب نينگر کي 2 ڏينهن چانڊڪا اسپتال  ۾ داخل ڪرائڻ بعد گمبٽ اسپتال  نيو ويو جتي فوت ٿي ويو.

ھي به پڙھندا

نينگر جي قتل ڪيس ۾ ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ٻن اھلڪارن کي جنم ٽيپ جي سزا