لاهور ۾ 9 مئي جي ڀڃ ڊاهه وارن واقعن جي فورينزڪ رپورٽ سامهون اچي وئي

0
129
لاهور ۾ 9 مئي جي ڀڃ ڊاهه وارن واقعن جي فورينزڪ رپورٽ سامهون اچي وئي
لاهور ۾ 9 مئي جي ڀڃ ڊاهه وارن واقعن جي فورينزڪ رپورٽ سامهون اچي وئي

لاهور: لاهور ۾ 9 مئي جي ڀڃ ڊاهه وارن واقعن جي فورينزڪ رپورٽ سامهون اچي وئي، سيف سٽي اٿارٽي جي ڪيمرائن جي وڊيوز تي ٻڌل رپورٽ پنجاب فورينزڪ سائنس ايجنسي پاران تيار ڪئي وئي

9 مئي جي واقعن جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي پاران اهي وڊيوز پنجاب جي فورينزڪ سائنس ايجنسي ڏانهن اماڻيون ويون هيون، رپورٽ موجب هجوم جي لبرٽي چوڪ کان گرجا چوڪ تائين وڃڻ جو ثبوت ملي ويو آهي

رپورٽ ۾ چيوويو آهي ته ڏنڊا ۽ جهنڊا کنيل ماڻهو شام 4 لڳي 57 منٽن تي شيرپائو برج تان پنڌ اچي رهيا هئا، 5 لڳي 10 منٽن تي گرجا چوڪ وٽ موٽرسائيڪل سوارن جو هجوم گڏ ٿيو، 5 لڳي 16 منٽن تي طفيل روڊ ۽ اسد جان روڊ تي هجوم جي موجودگي نظر آئي

رپورٽ موجب 5 لڳي 25 منٽن تي هجوم مال آف لاهور جي ٻاهران پهتو، 8 لڳي 40 منٽن تي هجوم سي ايس ڊي ۾ داخل ٿي ويو، پوليس موجب جوابدارن کي سزا ڏيارڻ لاءِ سمورين وڊيوز جي تجزياتي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي

هي به پڙهندا

ڪنهن به آفيسر استعيفا نه ڏني آهي، پاڪ فوج متحد آهي: آءِ ايس پي آر