لاهور ۾ هٿياربند گهر ۾ گهڙي واپاري کي قتل ڪري ڇڏيو

0
232
ڪراچي: اورنگي ٽائون

ڪراچي(م ڊ) لاهور جي علائقي وحدت ڪالوني ۾ اڻڄاتل هٿياربند گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري هڪ واپاري کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته وحدت ڪالوني ۾ هٿياربند واپاري مظهر کي گهر ۾ گهڙي گوليون هنيون، جنهن ڪري هو سخت زخمي ٿي پيو، واقعي جي اطلاع تي ريسڪيو اهلڪار هن کي ميو اسپتال منتقل ڪيو پر هو بچي نه سگهيو، پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول مظهر اڇرا ۾ ٽائلز جو ڪاروبار ڪندو هو ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ وحدت ڪالوني جي گهر ۾ شفٽ ٿيو هو، واقعي بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.