لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب پوليس کي عمران خان کي هيسائڻ کان روڪي ڇڏيو

0
185
لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب پوليس کي عمران خان کي هيسائڻ کان روڪي ڇڏيو
لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب پوليس کي عمران خان کي هيسائڻ کان روڪي ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب پوليس کي عمران خان کي هيسائڻ کان روڪي ڇڏيو  آهي، عمران خان خلاف ڪيسز ۽ عيد تي امڪاني آپريشن خلاف درخواست تي محفوظ فيصلو جاري ڪيو ويو

جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ 5 رُڪني بئنچ ٻڌڻي هلائي، ٻڌڻي دوران پنجاب سرڪار جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي جسٽس باقر علي نجفي چيو ته ڇا توهان عمران خان کي عيد گهر ۾ ڪرڻ ڏيندا؟

جسٽس عاليه نيلم چيو ته اسان اهو نٿا چئون ته جاچ روڪي وڃي، ڪو ڪيس آهي ته عمران خان کي ٻڌائي ڇڏيو، جنهن ۾ هُن ضمانت نه ورتي آهي

عمران خان روسٽرم تي اچي چيو ته ماڻهو مون کي 50 سالن کان سُڃاڻن ٿا، جسٽس باقر نجفي چيو ته اهي ڳالهيون نه ڪريو، اسان اڄ توهان کان ڪجهه نئون ٻڌڻ گهرون ٿا، عمران خان چيو ته آئون چونڊون چاهيان ٿو، ڏڦيڙ ڇو چاهيندس؟

عمران خان ٻڌايو ته تصديق ٿيل اطلاع آهن ته عيد تي آپريشن ڪيو ويندو، جسٽس باقر نجفي چيو ته اسان نٿا سمجهون ته 5-6 ڏينهن ۾ اهي ڪجهه ڪندا

هن کي به پڙهندا

خدا جي واسطي عوامي خدمت جي ميدان ۾ سياست تي پابندي لڳائڻ گهرجي: وزير اعظم

سُپريم ڪورٽ جو حڪم نظر انداز: پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن لاءِ 21 ارب روپيا جاري نه ٿيا