لاهور هاءِ ڪورٽ پاران مريم نواز جي درخواست تي ٻڌڻي کان معذرت

0
152
لاهور هاءِ ڪورٽ پاران

ڪراچي (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ مريم نواز جي پاسپورٽ واپسي جي درخواست تي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ڇڏي

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شهباز علي رضوي ۽ جسٽس انوار الحق پنو تي ٻڌل بينچ ن ليگ اڳواڻ مريم نواز جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي

مريم نواز طرفان احسن ڀون ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن عدالت کي ٻڌايو ته عدالت درخواستگذار جي ضمانت منظور ڪيل آهي ۽ درخواستگذار عدالت جي حڪم تي پاسپورٽ جمع ڪرايوآئين اسپيڪر جي

وڪيل دليل ڏيندي چيو ته مريم نواز 27 اپريل تي عمري جي لاءِ سعودي عرب وڃڻ چاهي ٿي پر پاسپورٽ جمع نه ٿيڻ سبب عمري تي وڃي نه سگهندي

عدالت درخواستگذار جي وڪيل جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ هدايت ڪئي ته جنهن بينچ درخواستگذار جي ضمانت منظور ڪئي هئي اها ئي درخواست جي ٻڌڻي ڪري، ياد رهي ته هاءِ ڪورٽ مريم نواز کي شگر ملز ڪيس ۾ پاسپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو

ھي به پڙھندا

سيڪريٽري جا ٻار ته ڪينيڊا هليا ويندا، سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهن ته پرواھ به ٿئي: چيف جسٽس