لاهور (بيورو رپورٽ) ايف آءِ اَي طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر طلب ڪرڻ تي پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين ۽ سندس پٽ علي ترين طلب ڪرڻ تي اڄ ايف آءِ اَي آڏو پيش ٿيندا، ايف آءِ اَي طرفان پي ٽي آءِ اڳواڻن کي فارم جِي زمين، مشينري ۽ پرڏيهه ۾ ملڪيتن جو رڪارڊ به پيش ڪرڻ جِي هدايت ڪئي وئي، وفاقي جاچ اداري پاڪستان برطانوي حڪومت کي خط لکي جهانگير ترين ۽ سندس ڪٽنب جِي ملڪيتن جا تفصيل ڏيڻ جِي گذارش ڪري ڇڏي.