لال حويلي سيل، شيخ رشيد جي قبضي واري دعويٰ رد

0
220

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊيءَ ۾ شيخ رشيد جي رهائشگاهه لال حويلي خالي ڪرائي سيل ڪئي وئي، اويڪيو ٽرسٽ بورڊ لال حويلي خالي ڪرائڻ لاءِ آپريشن ڪيو

 بورڊ جي ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر آصف خان موجب شيخ رشيد ۽ شيخ صديق لال حويلي بابت ڪو مستند دستاويز پيش نه ڪري سگهيا

 شيخ رشيد ۽ سندس وڪيل دستاويز پيش ڪرڻ لاءِ بار بار  مهلت گهرندا رهيا، شيخ رشيد ۽ سندس ڀاءُ ملڪيت تي غيرقانوني طور قابض آهن

 لال حويلي ۽ دم دما مندر اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي ملڪيت آهن، لال حويلي سيل ڪرڻ جو فيصلو بورڊ جي چيئرمين ڪيو، اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي چيئرمين جي فيصلي جي روشني ۾آپريشن ڪيو ويو