ق ليگ ساٿ نه به ڏيندي ته عدم اعتماد رٿ ڪامياب ٿي ويندي: شاهد خاقان

0
337
رٽائرڊ آفيسرز چونڊون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي دعويٰ ڪئي آهي ته مسلم ليگ (ق) جا 5 ميمبر آهن، انهن کانسواءِ  عدم اعتماد ٿي ويندي

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته تحريڪ عدم اعتماد لاءِ ق ليگ کي دعوت ڏني آهي، ق ليگ کي فيصلو ڪرڻو آهي ته هو حڪومت سان گڏ رهندي يا عوام سان گڏ رهندي

هن چيو ته هي پهرين حڪومت آهي جنهن دعويٰ ڪئي هئي ته احتساب ٿيندو، اسان 22 سالن کان نيب جو اهو تماشو ڀوڳي رهيا آهيون، نيب کي ختم ڪرڻو پوندو، ڇو ته نيب ۾ ٺاهيل جعلي ڪيسز جي ڪا به حيثيت ناهي

هن وڌيڪ چيو ته نيب اهو ادارو آهي جنهن ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ نقصان پهچايو آهي، چيئرمين نيب کي ڪوڙن ۽ جعلي ڪيسن جو جواب ڏيڻو پوندو

ليگي اڳواڻ چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان چئي رهيا آهيون ته نيب عوام جي جانين سان کيڏيو آهي، نيب ڪاروبار ۽ معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، نيب کي گهٽ ۾ گهٽ ٻه لفظ چوڻ گهرجن ته اسان سان غلطي ٿي آهي

هن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪالهه ڪيس خارج ڪري ڇڏيو جنهن جي منظوري نيب چيئرمين ڏني هئي، رڳو سياسي وفاداريون تبديل ڪرڻ جا ڪيس آهن، ايندڙ حڪومت جيڪا ايندي نيب کي بند ڪندي ڇو ته هن ملڪ کي نقصان پهچايو آهي