قُلي جي شوٽنگ دوران زخمي ٿيس، حالت خراب هئي: اميتاڀ

0
63
قُلي جي شوٽنگ دوران زخمي ٿيس، حالت خراب هئي: اميتاڀ
قُلي جي شوٽنگ دوران زخمي ٿيس، حالت خراب هئي: اميتاڀ

ممبئي(شوبز نيوز) هندستاني فلم انڊسٽري جي شهنشاهه اداڪار اميتاڀ بچن انڪشاف ڪيو آهي ته پراڻي رڪارڊ ڪامياب فلم قلي ۾ هڪ خطرناڪ سانحو پيش آيو هو، جنهن سبب زخمي ٿي پيو هيس، هندستاني ميڊيا موجب اميتاڀ بچن کي 1982ع ۾ ٺهندڙ مشهور فلم قلي ۾ شوٽنگ دوران حادثو پيش ايو هو جنهن ۾ هو شديد زخمي ٿي پيو هو. قلي فلم جو ڊائريڪٽر من موهن ديسائي ۽ ليکڪ قادر خان هو جنهن ۾ اميتاڀ جو ريلوي اسٽيشن تي ڪم ڪندڙ قلي جو ڪردار هو. ميڊيا رپورٽس موجب سينيئر اداڪار ٻڌايو ته هو شوٽنگ هلي رهي ٽپو صحيح نه ڏئي سگهيس ۽ ڪري پيس پوري جسم تي سخت زخم  رسيا.  بگ بي وڌيڪ ٻڌايو ته زخمي ٿيڻ سبب پرستارن طرفان تمام گهڻيون دعائون گهريون ويون. ٿوري وقت کانپوءِ آئون صحتياب ٿي ويس. پورو هندستان پريشان ٿي ويو هو. پرستارن جو قرض ڪڏهن به نٿو لاهي سگهان اڄ جيڪو ڪجهه به آهيان اهو مداحن جي ڪري آهيان