قيدين کي سهولت ڏيندڙ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪبي: ڪراچي پوليس

0
181
قيدين کي سهولت ڏيندڙ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس جو قيدين کي شاپنگ ۽ سَير ڪرائڻ واري مامري تي بيان سامهون اچي ويو آهي

پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪورٽ پوليس ۾ ڊيوٽي ڪندڙ آفيسرز ۽ اهلڪارن جي سرگرمين تي ڪرڙِي نظر آهي ۽ قيدين کي سهولت ڏيندڙ اهلڪارن خلاف ڊپارٽمينٽل ايڪشن ورتو ويندو

پوليس جو چوڻ آهي ته ايڊيشنل آءِ جي طرفان سينيئر آفيسر کي ذميوار اهلڪارن خلاف ڪارروائي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، جاچ رپورٽ ملڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ڪراچي پوليس ۾ احتساب جو عمل جاري رهندو