قومي فنڪاره جيجي زرينه جي 18 هين ورسي اڄ ملهائي ويندي

0
176
قومي فنڪاره جيجي زرينه جي 18 هين ورسي اڄ ملهائي ويندي
قومي فنڪاره جيجي زرينه جي 18 هين ورسي اڄ ملهائي ويندي

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجي پنهنجي پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته اڄ قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌياڻي تحريڪ جي باني اڳواڻ، اديب، استاد ۽ قومي فنڪاره مادرسنڌ جيجي زرينه بلوچ جي 18ھين ورسي سڄي سنڌ ۾ ملھائي کيس شاندار ڀيٽا پيش ڪئي ويندي جڏهن ته حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جو مرڪزي وفد مزار تي گلن جي چادر چاڙھي کيس قومي گيتن سان ڀيٽا پيش ڪندو

اشرف پليجي چيو ته جيجي زرينه بلوچ ڪالاباغ ڊيم سميت سنڌ دشمن منصوبن، جمھوريت ۽ انساني حقن لاءِ جدوجھد جي ميدان تي اڳيان اڳيان رھي. ھن انقلابي گيتن ذريعي مظلوم عوام، ھارين، مزدورن کي جاڳايو .آمريت دوران جيجي زرينه بلوچ انقلابي گيت ڳائي لکين ماڻھن کي بيدار ڪيو. مشرف دور ۾ پاڻي لاءِ جدوجھد دوران مٿس تشدد ڪيو ويو پر هو ثابت قدمي تي قائم رهي

هوڏانهن سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر عمره سمون، مروبت هاليپوٽو، حسنه راهوجو، شاهين خاصخيلي ۽ افشين ميمڻ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ قومي فنڪاره جيجي زرينا بلوچ جي 18هين ورسي جا پروگرام منعقد ڪري جيجي زرينا بلوچ جي جدوجهد کي سرخ سلام پيش ڪيو ويندو