ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) قومي انڊر 23 فٽبال چيمپئن شپ ۾خيبرپختونخواهه فالڪن سنڌ قلندرز کي ٻڙي جي مقابلي ۾ 2 گول تان شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾جاءِ ٺاهي ورتي آهي، جڏهن ته بلوچستان بازيگر ۽ پنجاب واريئرز ٽيمن وچ ۾ ميچ برابر رهي. ڪنج فٽبال هائوس گرائونڊ ايبٽ آباد ۾ کيڏيل چيمپئن شپ ۾ سنڌ قلندرز ۽ خيبرپختونخواهه فالڪن ٽيمن ۾ کيڏيل ميچ ۾ وقفي تائين فالڪن 2 گول جي برتري حاصل ڪئي، سنڌ قلندرز جي رانديگرن به خوب محنت ڪئي پر ٽيم کي شڪست کان بچائي نه سگهيا. ٻي ميچ ۾ بلوچستان بازيگر ۽ پنجاب واريئرز جي ٽيمن ۾ ميچ بنا ڪنهن گول جي برابر رهي.