قومي اعزازن جو ساليانو ‘ميلو’

0
36
قومي اعزازن جو ساليانو ‘ميلو’

 فقير راحمون کي شڪايت آهي ته، “يوم جمهوريه” (نالي سان دوکو نه کائو) جي موقعي تي ورهائجندڙ ايوارڊ مارڪه ريوڙين کان رمل علي ۽ استاد چاهت فتح علي خان وغيره کي محروم رکي انهن عظيم فنڪارن جي ‘فن’ جي توهين ڪئي وئي آهي. اسان جي عزيز، طارق عباس بخاري ٻن ٻين ماڻهن سان سيد قائم علي شاهه جي تصوير لڳائي ان کي ايوارڊ ڏيڻ تي احتجاج ڪيو آهي. ڪپتان برانڊ سينڊل ٺاهيندڙ پشاور جي چاچا نور دين جي تازي ايجاد 804 نمبر جو سينڊل آهي. ان کي به صدارتي تمغهء حسنِ ڪارڪردگي عطا ڪيو ويو آهي.

                 وڏن وڏن ڪامريڊن جو خيال آهي ته اهو ايوارڊ حقيقي حقدار کي مليو آهي. سوشل ميڊيا تي زمان پارڪي ‘امت’ جي اڪائونٽس تي هڪ عورت اينڪر جي تصوير لڳائي ان کي ايوارڊ ڏيڻ جو جيڪو سبب بيان ڪيو پيو وڃي، اهڙي ئي معيار تي پوري ايندڙ خاتون ماضيءَ ۾ انصافين جي مادرِ ملت ثاني رهي آهي ۽ ٻي هن ملڪ جي خاتون اول رهي. غيرتمند ‘نونهال’ ان وقت صحرائن ۾ گم هئا. “اسان ڪي غلام آهيون” جي اٿندي ويهندي مالها جپيندڙ، ماضيءَ ۾ مهوش حيات کي ملندڙ ايوارڊ جو دفاع ڪندي ثواب دارين ڪمائيندا رهيا. 23 مارچ تي ايوانِ صدر ۽ چئني صوبن جي گورنر هائوسن ۾ ورهائجندڙ ايوارڊن جي منظوري گذريل سال ان وقت جي صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي ڏني هئي. عين ممڪن آهي ته پوءِ ان ۾ ڪا رد و بدل ٿي هجي پر اها حقيقت آهي ته گذريل سال وانگر هن سال به سول ايوارڊ حاصل ڪندڙن جي اڪثريت جي عظيم ڪارنامن کان اسان به ٻين ڪجهه ماڻهن وانگر آگاهه نه آهيون.

ڪجهه اعزاز ۽ ايوارڊ يقينن اهڙين شخصيتن کي مليا آهن، جو خود انهن ايوارڊن کي ان تي فخر محسوس ٿيو هوندو. مثال طور: جناب ڊاڪٽر عقيل عباس جعفري. ان کي اسان ننڍپڻ کان جوانيءَ تائين وڌندي پاڪستان ٽيليويزن جي ادبي ۽ معلوماتي پروگرامن ۾ ڏٺو ۽ ٻڌو هو. هن کي پڙهيو هو. هو تحقيق جي دنيا جو انسان آهي. درجنين ڪتابن جو ليکڪ آهي. مشتاق سکيرا نالي اڳوڻي پوليس آفيسر کي هلالِ شجاعت ايوارڊ مليو آهي. اهو پنجاب جو آءِ جي پڻ رهيو. ان جي ملڪي ۽ قومي خدمتن جي باري ۾ ته مون کي ته ڇڏيو پر خود ان کي به معلوم نه هوندو. البته جيڪا ڳالهه معلوم آهي، سا اها ته 2013ع جي چونڊن کان اڳ موصوف ايڊيشنل آءِ جي بلوچستان رهيو. انهن ئي ڏينهن ۾ هن مسلم ليگ (ن) ۽ ڪالعدم لشڪر جهنگوي ۽ ڪالعدم انجمن سپاهه صحابه جي وچ ۾ “سيز فائر” جو معاهدو ڪرايو هو.

ان معاهدي جي ڪري انهن ڪالعدم تنظيمن 2013ع وارين چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) سان سياسي تعاون فرمايو. ان کانپوءِ مشتاق سکيرا کي پنجاب جو آءِ جي بڻايو ويو. 2014ع جي ماڊل ٽائون سانحي ۾ ان جي ڪردار کي ڪو انڌو به نظرانداز ڪرڻ جي جرئت نٿو ڪري سگهي. ماڊل ٽائون وارين خدمتن جي ‘صلي’ ۾ موصوف کي وفاقي ٽيڪس محتسب بڻايو ويو هو. ايوارڊ حاصل ڪندڙن ۾ اهڙي قسم جي نالن کي ڏسي ماڊل ٽائون ۾ مارجي ويل اهي ٻه عورتون ياد اچي ويون، جن کي پوليس وارن انهن جي منهن ۾ گوليون هڻي زندگيءَ جي قيد کان آزاد ڪرائي ڇڏيو هو. ان مشتاق سکيرا جو هلالِ شجاعت جو حق ته بڻيو ٿي. جيڪڏهن نه ڏين ها ته ايندڙ جهان ۾ پڇاڻو ٿيڻو هو ته اهڙي خدمت گذار انسان کي ايوارڊ ڇو نه ڏنو ويو! فقير راحمون کي، ان کي صرف هلالِ شجاعت ڏيئي ٽارڻ جو ڏک آهي. چون ٿا ته مشتاق سکيرا حقدار هو ته ان کي هلالِ شجاعت سان گڏوگڏ نشان امتياز به عطا ڪيو وڃي ها.

طارق فاطمي جو نالو هلالِ امتياز حاصل ڪندڙن جي فهرست ۾ آهي. هي موصوف اڄڪلهه وزير اعظم جو خاص معاون آهي. هن جو پرڏيهي معاملن واري شعبي سان تعلق آهي. سندس هڪ گهر واريءَ (هڪڙي ئي آهي) اين جي او جي نالي تي اسلام آباد ۾ پلاٽ ورتو هو ۽ پوءِ ان تي اشرافيه جي ٻارن لاءِ ‘درسگاهه’ جوڙي هئائين. خير ان قصي کي ڇڏيو، ان جو اصل تعارف ٻه ڳالهيون آهن: هڪ اها ته موصوف نواز شريف جي وزارت عظميٰ جي آخري دور ۾ ٿيندڙ ان حساس نوعيت جي اجلاس ۾ پرڏيهي معاملن جي مشير طور به شريڪ هو، جنهن اجلاس جي روئداد مان ‘ڊان ليڪس’ جنم ورتو هو. هن نام نهاد ڊان ليڪس اجلاس ۾ ويچار هيٺ آيل اصل معاملن ۽ فوجي سربراهه ۽ نواز شريف جي وچ ۾ ٿيندڙ سخت ڪلاميءَ جي پردي پوشيءَ جو ڪم ڪيو. ٻيو تعارفي سبب اهو ٻڌايو ويندو آهي ته، (ڪوڙ راويءَ جي ڪنڌ ۾)، ته هن پي ڊي ايم جي 16 مهينن واري اقتدار ۾ سعودي عرب کي ڪجهه اهڙي معلومات فراهم ڪئي،

جنهن جي ڪري سعودي عرب شريف فيملي تي دٻاءُ وجهي پاڪ- ايران سوئي گئس پائيپ لائين ۽ گوادر ۾ ايران جي تعاون سان آئلڊ ريفائنري لڳائڻ جي معاهدن ۾ سردي گرمي پيدا ڪرائي ڇڏي. ان پيدا ٿيندڙ تڪرار جي ڪري طارق فاطمي تي آڱريون کڄڻ لڳيون ۽ پوءِ ميڙ منٿ سان ايران سوئي گئس پائيپ لائين معاهدي تي عمل ۾ وڌيڪ مهلت ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو. اهو ئي سبب آهي جو ايراني سفير ڊاڪٽر رضا اميري ڪجهه ڏينهن اڳ چيو هو ته گئس پائيپ لائين معاهدي ۾ هڪ گنجائش هئي، جيڪا پاڪستان اڳ ۾ ئي حاصل ڪري چڪو آهي، يعني هاڻي يا ته پاڪستان کي پنهنجي حصي جي گئس پائيپ لائين وڇائڻي پوندي يا پوءِ اربين ڊالرن جو ڏنڊ ڀرڻو پوندو. طارق فاطمي کي هلالِ امتياز عطا ڪرڻ تي گهٽ ۾ گهٽ مون کي افسوس ٿيو آهي. فواد حسن فواد کي ايوارڊ شايد انصافي دور ۾ پختگيءَ سان تشدد ۽ دٻاءُ سان گڏ نيب  ڪيسن کي منهن ڏيڻ تي ڏنو ويو آهي. هونئن هو گفتگو به سليقي سان ڪندو آهي ۽ هڪ سٺو شاعر پڻ آهي.

سهيل وڙائچ جي صحافتي ۽ جاتي امرائي خدمتون ايتريون وڌيڪ آهن، جو ان تي هڪ ٻه ڪالم ته ڇا پورا دفتر لکي سگهجن ٿا. فقير راحمون جي بقول جيڪڏهن ان (فقير) وٽ پئسو هجي ته هو ان تي هڪ ويب سيريز ٺاهي ڀارتي ويب سيريز ٺاهيندڙن کي ٽوٽا چٻائي سگهي ٿو.

ٽئين فوجي آمر جنرل ضياءُ الحق جي محبوب راجا ظفر الحق جو ايوارڊ يقينن شريف فيملي ۽ اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ جي وچ ۾ سهڪار جي ان خدمت جو صلو آهي، جيڪو ان ٺاهه ڪرايو هو. ان ٺاهه جي نتيجن کي سمجهڻو هجي ته افتخار محمد چوڌري دور جي ڪردار وارن فائلن کي کولي ڏسي سگهجي ٿو. عبدالقدوس بزنجو ستارهء امتياز حاصل ڪندڙن ۾ شامل آهي. جيڪڏهن هي اهو ئي آهي، جيڪو اسان سمجهيو آهي، يعني بلوچستان جو اڳوڻو وڏو وزير، ته پوءِ ستارهء امتياز جي بدران ان جو حق هلالِ امتياز سان گڏوگڏ هلالِ پاڪستان پڻ ٿيو ٿي.

افتخار عارف جو نالو هڪ ڀيرو وري اعزاز حاصل ڪندڙن ۾ شامل آهي. ان کي اعزاز ملڻ تي پير طريقت، رهبر شاعري سيد فرحت عباس شاهه وٽ سوڳ جو عالم آهي. مون کي پڻ ان تي افسوس ٿيو آهي ته فرحت عباس شاهه جي روماني ۽ انقلابي شاعريءَ کي، ايوارڊ ڏيندڙ بدذوق ڪمپني نظر انداز ڪيو. ڪميٽيءَ جا ميمبر (جيڪڏهن واقعي به آهن ته) ۽ ‘شاهه’ جي وچ ۾ جوڊو ڪراٽي جو ميچ رکرائڻ گهرجي. ‘شاهه صاحب’ جيستائين انهن جا پٺا نٿو سيڪي، ان جي شاعريءَ جي متاثرن ۽ حبدارن کي قرار نه ايندو.

جي ڊي سي واري المشهور اٺ پکيءَ جي گوشت سان سحري ڪرائيندڙ ظفر عباس کي به سماجي خدمتن تي اعزاز ڏنو ويو آهي. ايوارڊ جگن ڪاظم کي به مليو آهي ۽ غريده فاروقي کي پڻ. اسان جي ملتاني دوست استاد ڪامريڊ قاري منير الحسيني، نقشبندي لبرل و سوشلسٽ وغيره وغيره کي ان جي سماجي خدمتن ۽ سوشل ميڊيائي مصروفيتن تي ايوارڊ نه ڏيڻ عظيم ظلم آهي. اگر سرائيڪي صوبو ٺهيو ته انشاء الله استاد کي سڀ کان پهرين ‘نشان فيس بُڪ’ عطا ڪيو ويندو.

مشهور صحافي فاروق عادل کي ايوارڊ ملڻ تي خوشي ٿي. هو قديم قلمي مزدورن جي رهيل نشانين مان آهي. سول اعزاز حاصل ڪندڙن جي هڪ ڊگهي فهرست آهي. مفتي عبدالشڪور مرحوم کي ڏنل اعزاز يقينن ان جي فرقيواراڻين خدمتن ۽ انسان دشمن ڪجهه تقريرن تي عطا ٿيو هوندو. ڳالهه کٽائجي ته ساليانه ايوارڊ پروگرام جي ساک ڪڏهن به نه هئي ۽ هر گذرندڙ سال سان اها وڌيڪ پساهه پورا ڪندي پئي وڃي.