اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي وزارتن ۽ ڊويزنن جا 8780 ارب رپين کان وڌيڪ جي ماليت جا 121 مطالبن جي منظوري ڏئي ڇڏي. مخالف ڌر پاران ٽن وزارتن ۽ ڊويزنن جي رقم ۾ گهٽتائي جو مطالبو رد ڪيو ويو. چئن وزارتن جي مطالبن جي منظوري اڄ ڏني ويندي. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ جي منظوري جو عمل شروع ٿي ويو آهي. ايوان ۾ مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن جا مطالبا منظور ڪيا ويا. قومي اسيمبلي 6165 ارب رپين کان وڌيڪ جا 103 مطالبا بغير ڪنهن اختلافن جي منظور ڪري ورتا، جڏهن ته ٽن وزارتن ۽ ڊويزنن جا 2715 ارب رپين کان وڌيڪ جي 18 ڪٽوتي وارا مطالبا رد ڪيا ويا. دفاع واري وزارت لاءِ 2149 ارب 82 ڪروڙ رپيا، انٽيليجنس بيورو لاءِ 18 ارب 32 ڪروڙ رپيا، دفاعي پيداوار ڊويزن لاءِ 4 ارب 87 ڪروڙ رپيا، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 598 ارب 71 ڪروڙ رپيا، آبي وسائل ڊويزن لاءِ 263 ارب 48 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. اقتصادي معاملن ڊويزن جا 30 ارب 68 ڪروڙ رپيا، وفاقي تعليم ڊويزن جا 198 ارب 55 ڪروڙ 26 لک رپين جا مطالبا منظور ڪيا ويا. قومي صحت واري وزارت لاءِ 54 ارب 86 ڪروڙ رپيا، ريلوي ڊويزن لاءِ 109 ارب 43 ڪروڙ رپيا، اسلام آباد جي ضلعي عدالتن لاءِ 1 ارب 36 ڪروڙ رپيا، ايوي ايشن ڊويزن لاءِ 26 ارب 17 ڪروڙ رپيا، موسمياتي تبديلي لاءِ 7 ارب 26 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جا مطالبا منظور ڪيا ويا. واپار واري وزارت جا 22 ارب 73 ڪروڙ، مواصلات ڊويزن جا 65 ارب 31 ڪروڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ڊويزن جا 69 ارب 5 ڪروڙ، هائوسنگ اينڊ ڪنسٽرڪشن ڊويزن جا 36 ارب 74 ڪروڙ روپين جا مطالبا منظور ڪيا ويا. اطلاعات ۽ نشريات ڊويزن جا 17 ارب 91 ڪروڙ، بحري معاملن واري ڊويزن جا 7 ارب 45 ڪروڙ، اينٽي نارڪوٽڪس ڊويزن 7 ارب 77 ڪروڙ، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڊويزن 73 ارب 45 ڪروڙ جا مطالبا منظور ڪيا ويا. ٽن وزارتن ۽ ڊويزنن جي مطالبي تي اپوزيشن جي ڪٽوتي واري ٺهراءَ تي ايوان ۾ ووٽنگ ڪرائي وئي. ڪابينا، اسٽيبلشمينٽ، نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن جا 41 ارب 70 ڪروڙ رپين ۾ ڪٽوتي وارا 12 مطالبا رد ڪيا ويا. توانائي ڊويزن جي 701 ارب 5 ڪروڙ 87 لک رپين کان وڌيڪ جا ڪٽوتي وارو مطالبو رد ڪيو ويو. 1872 ارب رپين کان وڌيڪ جي فنانس ڊويزن جي چئن مطالبن تي اپوزيشن جا ٺهراءُ رد ڪيا ويا. پرڏيهي، گهرو، قانون ۽ انصاف ۽ فوڊ سيڪيورٽي تي ڪٽوتيءَ وارو ٺهراءُ اڄ پيش ڪيو ويندو.