قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ضمانت تي آزاد ٿي ويو

0
336

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ضمانت تي آزاد ٿي ويو. لاهور هاءِ ڪورٽ پاران شهباز شريف جي ضمانت جو حڪم جاري ٿيڻ بعد هن جي وڪيل اعظم نذير تارڙ احتساب عدالت نمبر 2 ۾ ضمانت وارو بانڊ جمع ڪرايو.ملڪ سيف کوکر ۽ چوڌري محمد نواز، شهباز شريف جا ضامن آهن. احتساب عدالت شهباز شريف جي پيش ڪيل مچلڪن جو جائزو ورتو ۽ سندس آزادي لاءِ وارنٽ جاري ڪيا جنهن کانپوءِ هو جيل مان آزاد ٿيو. ياد رهي ته نيب گذريل سال سيپٽمبر ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ شهباز شريف کي گرفتار ڪيو هو