قومي اسيمبلي جو اجلاس 25 مارچ تي صبح جو 11 وڳي طلب

0
303

قومي اسيمبلي جو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر قومي اسيمبلي جو اجلاس 25 مارچ 2022ع تي صبح جو 11 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ طلب ڪري ورتو

اسپيڪر اسد قيصر آئين جي آرٽيڪل 54 (3) ۽ 254 تحت حاصل اختيار استعمال ڪندي قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهيقومي اسيمبلي جو

اجلاس اپوزيشن پاران جمع ڪرايل ريڪيوزيشن تي طلب ڪيو ويو آهي، هي اجلاس موجوده قومي اسيمبلي جو 41 هون اجلاس هوندو

قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ لاءِ اپوزيشن جي جمع ڪرايل ريڪيوزيشن 14 ڏينهن جي آئيني مدت 21 مارچ تي ختم ٿي رهي آهي

جڏهن ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته او آءِ سي اجلاس سبب قومي اسيمبلي جو اجلاس 25 مارچ تي طلب ڪيو ويو آهي

ھي به پڙھندا

ڪنهن به ماءُ جي لال ۾ همت آهي ته اهو او آءِ سي اجلاس ۾ مداخلت ڪري ڏيکاري، حشر خراب ٿيندس: شيخ رشيد