ڪراچي/حيدرآباد(نمائندن وٽان) ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ قهر جي گرمي وڌيڪ 16 شهرين کان حياتيون کسي ورتيون. سوين بيهوش ٿي اسپتالن ڀيڙا ٿي ويا. مليل رپورٽن موجب ڪالهه به سموري سنڌ ۾ سخت گرمي جو سلسلو جاري رهيو. گهٽ ۽ ٻوسٽ ۽ سخت گرمي سبب هيٽ اسٽروڪ جو شڪار ٿي سوين ماڻهو اسپتالن ۾ داخل ڪيا ويا.  ايڌي فائونڊيشن جي اڳواڻ فيصل ايڌي جو چوڻ آهي ته 5 ڏينهن ۾ رڳو ايڌي جي سرد خانن ۾ 568 لاش آندا ويا، ڪالهه ڪراچي جي جناح ۽ سول اسپتالن ۾ 100 کان وڌيڪ مريض آندا ويا، سول اسپتال ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب وڌيڪ 68 ۽ جناح اسپتال ۾ 35 کان وڌيڪ مريض داخل ڪيا ويا. سول اسپتال ۾ 4 مريضن هيٽ اسٽروڪ سبب دم ڏئي ڇڏيو. ايڌي فائونڊيشن جي سربراهه فيصل ايڌي جو چوڻ آهي ته هيٽ اسٽروڪ وارن ڏينهن ۾ ايڌي جي سرد خانن ۾ 5 ڏينهن اندر 568 لاش آندا ويا آهن، هن چيو ته عام ڏينهن ۾ 40 کان 50 لاش روزانو اچن ٿا، فيصلي ايڌي چيو ته فوت ٿيندڙن جي وارثن جو چوڻ هو ته سندن پيارن جو موت سخت گرمي ۽ لوڊشيڊنگ سبب ٿيو آهي، فيصل ايڌي چيو ته سندن ڊيٿ سرٽيفڪيٽ ۾ موت جو سبب دل جو دورو ٻڌايو ويو آهي. هوڏانهن گرمي جي لهر کي نظر ۾ رکندي سنڌ سرڪار ڪراچي شهر ۾ 77 هيٽ ويو مرڪز ۽ ڪيمپس توڙي 41 فرسٽ ايڊ سينٽرز قائم ڪيا ويا آهن. هوڏانهن پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ پاران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ويو آهي ته گرمي جي لهر سبب ڪراچي ۾ 7 ڏينهن اندر 714 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، هن چيو ته شديد گرمي باوجود مختلف علائقن ۾ 18 کان202 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ جاري آهي. هوڏانهن حيدرآباد ۾ قهر جي گرمي، حبس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي آزار سبب 24 ڪلاڪن دوران 11 ڄڻن حياتيون وڃايون، چئن ڏينهن دوران مختلف علائقن مان سول اسپتال پهتل فوتين جو تعداد 16 ٿي ويو. انتظاميا موجب ته 25 جون کان 26 جون شام تائين 11 ڄڻن جا لاش انهن جي وارثن حوالي ڪيا جن ۾ 90 سالن جو نواز علي، 60 سالن جو ايوب علي، 50 سالن جي مسمات اسما، 40 سالن جو سليم، 50 سالن جو عبداللطيف، 30 ورهين جو عبدالوحيد، 70 سالن جو غلام مصطفيٰ، 55 سالن جو سعيد ۽ ٻيا شامل آهن. جوهي ڀرسان ڦلجي وليج ۾ ٻن ٻارن جي ماءُ 26 سالن جي ڪرشمه زال همت علي گبول فوت ٿي وئي