قمبر( رپورٽر) قمبر ۾ سج جي تپش وڌڻ ۽ گرم هوائون لڳڻ جو سلسلو جاري هئڻ ڪري گرمي پد وڌي وڃي 50 سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو، شديد گرمي ۾ ماڻھن جو گهرن مان نڪرڻ به مشڪل بڻيل آھي، هڪ طرف لڱ ساڙيندر گرمي ته وري ٻئي طرف بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ سميت بجلي جي ٽرپنگ عوام کي تڪليفن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي. ماڻھو گرمي کان بچاءَ لاءِ ٿڌيون شيون استعمال ڪرڻ لڳا، شهر جي چوڪن چوراهن. توڙي روڊن رستن تي ٿڌين شين خاص ڪري اڇي ٿاڌل جا اسٽال قائم ڪيا ويا آھن ماڻھن جو وڏو انگ ٿاڌل استعمال ڪرڻ لڳو سندن چوڻ هيو ته ٿاڌل جو تاثير ٿڌو آھي ان ۾ قدرتي جڙيون ٻوٽيون استعمال ڪيون پيون وڃن جنهنجي پيئڻ سان پيٽ ٺري ٿڌو ٿي پوي ٿو خمار به ٿين ٿا، گرمي جي خبر نه ٿي پوي 50 روپين ۾ گلاس ملي ٿو.گرمي جو زور وڌي وڃڻ سبب منجهند جي وقت روڊ رستا ۽  بازارون ويراني جو ڏيک ڏين ٿيون اهڙي طرح شديد گرمي ۾ بجلي جي بندش ۽ سهولتن جي اڻھوند عوام کي تڪليفن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي.