قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ چور هڪ ئي رات 2 دڪانن جا تالا ڀڃي روڪ رقم سميت لکين رپين جو سامان چوري ڪري ويا، پوليس اگهور ننڊ خبر موجب شهر جي انتهائي مصروف ڪاروباري علائقي بس اسٽينڊ ڀرسان چور صدام مغيري جي بيٽرين جي دڪان جا تالا توڙي 4لک رپين کان وڌيڪ ماليت جون 15بيٽريون چوري ڪري ويا، جڏھن ته ساڳئي علائقي ۾ چور امداد منگي جي گڊز ٽرانسپورٽ جي دڪان جا تالا ڀڃي هڪ لک 20 هزار رپيا روڪ رقم، بيٽري، اسٽيبلائيزر، چارجر سميت 2 لک رپين جي ماليت جو سامان چوري ڪري ويا، هڪ ئي رات هڪ ئي علائقي مان ٻن دڪانن مان چوري بعد دڪاندار پريشان ٿي ويا.