قمبر ۾ جوابدار هٿان زال قتل، قبو سعيد خان ۾ پيءُ هٿان ڌيءُ قتل

0
87

قمبر ۽ قبو سعيد خان ۾ ٻن عورتن کي ڪارنهن جي تهمت مڙهي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي

قمبر جي ڳوٺ فتو حل  گراماڻي ۾ جوابدار شير محمد چانڊيو ڪارنهن الزام هيٺ پسٽل جا فائر ڪري 40 ورهين جي زال انور خاتون کي قتل ڪري ڇڏيو

اطلاع تي پوليس پهچي مقتولا عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو

قبو سعيد خان ۾ صدر مگسي پسٽل فائر ڪري 18 ورهين جي ڌيءَ عاصمه کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو