قمبر ( رپورٽر) قمبر جي باگوديرو محلا، کوسا محلا، چنا محلا ۽ پراڻي ڪورٽ محلي جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف محمد خان گوپانگ، درشن لعل، گلشن چانڊيو ۽ شهمراد کوسو جي اڳواڻي ۾ مختيار ڪار آفيس روڊ تي ڌرڻو هنيو.  اڳواڻن چيو ته برسات جو پاڻي روڊ تي 2 کان 3 فوٽ بيٺل آهي، 4 هزار کان وڌيڪ گهرن جا رهواسي عذاب ۾ مبتلا آهيون. 8 ڏينهن کان بيٺل پاڻي بدبودار ٿي ويو آهي، مڇرن سبب آرام به نٿا ڪري سگهون بيمارين پڻ منهن ڪڍيو آهي. ميونسپل انتظاميا وٽ دانھڻ باوجود ڪو به تدارڪ نه ٿيو آهي، پاڻي نيڪال ڪرائي پريشانين کان بچايو وڃي.