قمبر (رپورٽر)  قمبر جي باگوديرو محلي جو رھواسي برادري جو نيڪ مرد اڳوڻو ڪائونسلر سڪندر علي گوپانگ معمول موجب صبح سوير واڪ ڪري رهيو هو ته اڳواٽ تاڙ ۾ بيٺل پنهنجي ئي برادري جي ھٿيار بندن گوليون هڻي کيس قتل ڪري ڇڏيو. اھڙي اطلاع تي مقتول جا وارث، برادري جا ماڻهو ۽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي سول اسپتال قمبر پهچايو، پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.سٽي ٿاڻي تي مقتول جي پٽ زاھد گوپانگ 4 جوابدارن سھراب عرف ڪالي بام گوپانگ، سندس ڀاءُ راجا گوپانگ ۽ ٻن اڻ سڃاتل جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪرايو.فريادي موقف اختيار ڪيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ آصف گوپانگ ۽ جوابدارن جو ڏيتي ليتي تان معاملو ٿيو هو، ان جو فيصلو منهنجي پيءُ مقتول سڪندر گوپانگ ڪيو ھو.سڪندر گوپانگ مشرف دور ۾ آزاد اميدوار جي حيثيت سان ڪائونسلر چونڊيو هو،  سندس قتل جي خبر تي ايم پي اي نواب سردار خان چانڊيو، پي ٽي آءِ ضلع صدر محمد علي ھڪڙو سميت وڏي انگ ۾ ماڻهو پهتا.مقتول اصل قمبر جي ڳوٺ موڪ گوپانگ جو رھواسي ھو پيار وچان ماڻهو کيس مامو سڪندر گوپانگ موڪائي ڪري سڏيندا هئا، مقتول پنهنجي برادري جو چڱو مڙس پڻ ھو سندس جنازي نماز قمبر ڀرسان درگاھ لعل شاھ تي پڙھائي وئي جنهن ۾ پ پ ايم پي اي نوابزاده برھان خان چانڊيو، پ پ ضلعي صدر قمر الدين گوپانگ، پي ٽي آءِ ضلع صدر محمد علي ھڪڙو سميت ھزارن جي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي سندس جي مڙھ کي درگاه لعل شاھ جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.