قمبر پوليس کنڀي گم ڪيل ڪٽنب جا 4 ڀاتي آزاد ڪري ڇڏيا

0
283
شڪارپور ۾ بروهي، سندراڻي تڪرار تان نوجوان قتل
شڪارپور ۾ بروهي، سندراڻي تڪرار تان نوجوان قتل

قمبر: پوليس پاران ٻه ڏينهن اڳ گل حسن چانڊيو سميت کنڀي گم ڪيل سندس ڪٽنب جي 4 ڀاتين کي آزاد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گل حسن چانڊيو اڃا تائين گم آهي

ٻه ڏينهن اڳ گل حسن چانڊيو کي سندس گهرواري بصران، ننهن عارفه، 6 سالن جي ڌيءُ پارس ۽ اڍائي سالن جي ڌيءَ شمائلا سوڌو گهر مان حراست ۾ وٺڻ بعد گم ڪيو ويو هو. پوليس پاران اڄ گل حسن چانڊيو جي چئني گهر ڀاتين کي آزاد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گل حسن اڃا تائين گم آهي

گل حسن جي ڏوهٽي سجاد چانڊيو ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اڄ قمبر جي سٽي پوليس ٿاڻي تان چئني ڀاتين کي آزاد ڪرڻ جو اطلاع ڏنو ويو، جنهن بعد گل حسن جي گهرواري، ننهن ۽ ٻن نياڻين کي گهر پهچايو ويو آهي

گل حسن چانڊيو کي ڪٽنب سوڌو کنڀي گم ڪرڻ خلاف ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا هئا