قمبر  ( رپورٽر) قمبر جي سٽي ٿاڻي جي پوليس قمبر پکو روڊ تي راھوجا پيٽرول پمپ ڀرسان مبينا مقابلي دوران  ٻن جوابدارن منصور گوپانگ ۽ ملوڪ چانڊيو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي گرفتار جوابدارن جي قبضي مان هڪ پسٽل ۽ 30 گوليون هٿ ڪيون آهن. گرفتار ٿيل ڏوهارين مٿان قمبر سٽي ٿاڻي تي غير قانوني هٿيار رکڻ ۽ پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو. ايس ايڇ او سٽي قمبر جو چوڻ آهي ته گشت دوران ڏوھ جي ارادي سان بيٺل جوابدارن سان مقابلو ٿي پيو فائرنگ جي نتيجي ۾ 2جوابدار ملوڪ چانڊيو ۽ منصور گوپانگ زخمي ٿي پيا جن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪرڻ بعد کين علاج لاءِ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته 3 ڏوهاري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن جن جي ڳولا جاري آهي.