قمبر (رپورٽر) قمبر لڳ ٽريفڪ اهلڪارن جي غفلت سبب ٽريڪٽر ھيٺان چيڀاٽجي فوت ٿيل نوجوان جي ڪيس ۾ نامزد جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا، پوليس خاموش تماشائي بڻيل. خبر موجب گذريل ڏينهن قمبر لڳ لاڙڪاڻو روڊ تي شاهه حسن لاڙي ڀرسان ٽريفڪ پوليس اهلڪارن جي غفلت سبب ٽريڪٽر ٽرالي ھيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويل نوجوان پورھيت تنوير جتوئي جي ڪيس ۾ نامزد جوابدار ٽريفڪ جمعدار بشير احمد سولنگي ۽ سپاھي زاھد حسين رند کي پوليس اڃا تائين گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جاچ آفيسر جو چوڻ آهي ته ٻئي جوابدار ٽريفڪ پوليس قمبر برانچ ۾ ڊيوٽي ڪندڙ ھئا جن جو تعلق لاڙڪاڻي شھر سان آھي، جيڪي فرار ٿي ويا آهن. ٻئي طرف اطلاع آهن ته جوابدار ڌر طرفان فوتي نوجوان تنوير جتوئي جي وارثن ڏانهن راڄوڻي ڪرڻ لاءِ ميڙ منٿ قافلي نيڻ جون پڻ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.