قمبر (رپورٽر) قمبر جي ريلوي اسٽيشن محلي مان هفتو اڳ مبينا اغوا ٿي ويل پورهيت حاڪم چانڊيو کي پوليس ڪراچي جي غازي ڳوٺ مان ڊرامائي انداز ۾ هٿ ڪري ورتو آھي، ان سلسلي ۾ قمبر پوليس جو چوڻ آھي ته مغوي جي نمبر جي ٽريسنگ ڪري ڪراچي جي غازي ڳوٺ ۾ پهتاسين جتي هو هڪ هوٽل تي بيراگيري ڪري رهيو جنهن کي هتي وٺي اچي مالڪن حوالي ڪيو آھي.