لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) قمبر تعلقي جي دوست علي بنگلا جي علائقي جو رهواسي 12 ورهين جو عباس پٽ محمد علي سپرو هڪ مهيني کان پر اسرار نموني گم آھي. محمد علي سپرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مان هارپو ڪري پنهنجو گذر سفر ڪندو آھيان منهنجي ڪنهن سان دشمني نه آھي  هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آھي ته منهنجو پٽ عباس گم ٿي ويو آھي جنهن جي گهڻي ڳولا باوجود هٿ نه اچي سگهيو آھي مونکي شڪ آھي ته منهنجي پٽ کي ڪنهن اغوا ڪيو آھي.