قمبر( رپورٽر) عيدالاضحيٰ هئڻ ڪري منافعي خور واپارين سبزي جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي. پٽاٽا 70 بدران 120، بصر 100 بدران 150، ٽماٽا 100 بدران 250، بهه 200 بدران 400 سئو رپين ۾ وڪروٿيڻ لڳا. شهرين ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته مهانگائي سبب اڳ ئي غريب عوام سخت پريشان آھي ته مٿان وري عيد هئڻ ڪري ظالم واپارين سبزين جي اگهن ۾ بنا ڪنهن جواز جي واڌ ڪري ڇڏي آھي.  2 ڏينهن اڳ 100 سئو رپيا ڪلو تي وڪرو ٿيندڙ ٽماٽا 250 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيا آھن، اهڙي طرح پٽاٽن ۽ بصرن جي اگهن ۾ به ٻيڻ تي واڌ ڪئي وئي آھي عيد هئڻ ڪري واپاري ۽ دڪاندار ٻنهي هٿن سان عوام کي ڦري رهيا آھن پر هن ضلعي هيڊ ڪوارٽر واري شهر قمبر جتي ڊپٽي ڪمشنر سميت بالا آفيسر واپارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاء ٿڌن ڪمرن مان نڪرڻ لاءِ تيار نه آھن. هنن مطالبو ڪيو ته هٿرادو مهانگائي جو نوٽيس وٺي منافع خور واپارين خلاف ڪارروائي ڪري اگهن تي ضابطو آڻي تڪليفن ۽ پريشانين کان بچايو وڃي ته جيئن عيد جي ڀلاري ڏينهن تي غريب ماڻھو به خوشين ۾ شامل ٿي سگهن.