قصو ٻيڙي تي چڙهي ولايت وڃڻ جو !

0
444
نڪ وارا ماڻهو ۽ بي نڪا ماڻهو !

 هن ظالم دنيا ۾ جيئڻ لاءِ مطالعو، مشاهدو ۽ ميڄالو ضروري آهي. مون مطالعو ان ڪري ڪو نه ڪيو جو ڪتاب جام مهانگا آهن. باقي جام مشاهدو ڪري ميڄالو کپائي آئون ان نتيجي تي پهتو آهيان ته هن دنيا ۾ غربت کان وڌيڪ ڪو ٻيو عذاب ئي ڪونهي. غريبن جي بکن، ڏکن ۽ بيعزتين جي درد جا داستان تمام وڏا آهن. غربت مان نڪرڻ لاءِ عقل کپي جيڪو غريبن ۾ صفا زيرو ميٽر آهي. مون ميڄالو استعمال ڪري هي پهاڪو ايجاد ڪيو “جنهن جي کوپڙي ۾ عقل تنهن وٽ گاڏي ۽ محل، جنهن جي خالي آهي کوپڙي تنهن جي لوڙهي اندر جهوپڙي!” مون امر ٿيڻ لاءِ ٺڳي، فراڊ دلالي ۽ دو نمبري کانسواءِ گهڻائي ڌنڌا ڪيا پر دولت جي ٽيڪ نه هئڻ ڪري سڀني ڌنڌن ۾ ناڪام ٿيس. مشاهدي مان معلوم ٿيو ته امير ٿيڻ لاءِ  ڪرپشن،فراڊ ٺڳيون،دلالي ۽ دو نمبري ڪم ضروري آهن.اڄڪلهه دلال به لک پتي، ڪروڙ پتي ۽ ارب پتي ٿي پيا آهن. پاڻ کي دلال ڪو نه سڏرائين، پر فيشني ۽ انگريزي لقب وارا سڏرائين يعني پراپرٽي ڊيلر، اسٽيٽ ايجنسي، ايجنٽ ۽ مڊل مئن سڏرائين. امير ماڻهو ڪيڏو به ٺڳ، فراڊي،  ۽ دو نمبر هجي ته به ماڻهو ان اڳيان هٿ ٻڌيو بيٺا هوندا ۽ سندس تعريف ڪندي ڪو نه ٿڪبا پر غريب ماڻهو حق حلال جي روزي وارو ڪيڏو به باڪردار ۽ اشراف هوندو ته به ماڻهو سندس ڪيئي گلائون پيا ڪندا.

پوءِ مون فيصلو ڪيو ته غربت جي لعنت کي لت هڻي آئون هر حال ۾ امير ماڻهو ٿيان.هڪڙي رات خواب ۾ آئون امير ماڻهو ٿي ويس. مون وٽ عاليشان بنگلو هو ويگو گاڏي هئي هزارين ايڪڙ زمين هئي زمين تي فارم هائوس هو. مون ڏٺو ته نورل نماڻو، ڏاڙهون ڏکايل، کنجوکنڀڙاٽي، پپن پاسراٽي، سئوٽ صدوري ۽ ماسات ماڪوڙي ورا جيڪي سدائين مون تي تنقيدون ڪري ٽڪي جهڙو ڪندا هئا سي منهنجي اڳيان پٺيان پيا هلن، چمچاگيري پيا ڪن ڪوڙيون تعريفون پيا ڪن. آئون ست رحي طعام پيو کايان، منهنجو پيٽ گندلي وانگر ٻاهر نڪري آيو هو، جهڙو ڏهن مهينن جي پيٽ واري هجان. لئي ۾ ڦوڪجو پيو هلان. تيسين طوطن ماءُ لت هڻي مون کي اٿاري چيو “مئا” اٿي اٽو ۽ کنڊ پتي وٺي اچ! رن منهنجو حسين خواب چڪنا چور ڪري ڇڏيو. اٿي سيٺ صوفن سودائي کان اوڌر تي سامان وٺڻ ويس. گس ۾ ڏٺم ته ڳوٺ جا ٻه لوسي ڇوڪرا اپن ۽ شپن جيڪي ولايت ڪمائڻ ويا هئا تن جا پڪا بنگلا پيا ٺهن، ڪوٽ پيا اڏجن، عاليشان گاڏيون بيٺيون اٿن، مون به فيصلو ڪيو ته آئون به امير ٿيڻ لاءِ ولايت وڃان. سنگت ۾ ڳالهه رکيم ته سڀني واهه واهه ڪري همت افزائي ڪئي پر مسئلو اهو هو ته نه پاسپورٽ هو نه ڪورونا جي ڪري ويزا ٿي ملي. وڏي ۽ اهم ڳالهه اها هئي جو جهاز جي ڀاڙي جا پئسا ڪو نه هئا.

مون فيصلو ڪيو ته وڻجارو بنجي ٻيڙي تي چڙهي سمنڊ جو سفر ڪري ولايت وڃان. مون پنهنجي ذاتي ٻيڙي ٺهرائڻ جو پروگرام ٺاهيو. ٻيڙي ٺهرائڻ لاءِ  ڪاٺ کپندو هو. آئون ڪهاڙو کڻي مياڻي جي ٻيلي ۾ لهي پيس. ٻيلي جي چوڪيدارن مون کي پڪڙي اچي فاريسٽ آفيسري مينهل موالي اڳيان پيش ڪيو. کيس غربت جي ذلالتن مان نڪرڻ ۽ ولايت وڃڻ جو سڄو درد جو داستان ٻڌايم. تنهن چيو “واپسي ۾ انگريزي شراب شيواز جي ڏيڍين بوتلن سان سڄي ٻيڙي ڀري اچين ته انهي شرط تي ڀلي وڃي ٻيلي مان وڻ وڍ سمجهه ته تنهنجي پيءُ جو ٻيلو آهي.” چيومانس “حاضر سائين! تو لاءِ آئون شي واز، شي از ۽ شي ول  وارين ٽنهي زمانن جون بوتلون آڻيندس.” اهو ٻڌي همراهه ٺري پيو. مون وڃي وڻن ۾ ٽاڪوڙا وڌا، وڏا ٽي چار وڻ ڊاهي وڌا هاڻي مسئلو اهو هو ته اهو ڪاٺ واڍي تائين ڪيئن پهچي. گاڏين وارن ايترو ڀاڙو ٻڌايو جو مون کي اهڙو دورو پئجي ويو جهڙو جنڙي چڙهي وئي هجي. هوش ۾ اچڻ کانپوءِ مون کي منهنجو پراڻو يار مٺو مهيري ياد اچي ويو. سوچيم روز روز کانئس اٺ ٿو گهران سو ماڳهين منهنجي بيعزتي خراب نه ڪري. سو کيس تحفو ڏيڻ لاءِ بامبي بيڪري جو ڪيڪ وٺي ويس. ڪيڪ ڏسي  همراهه ٺري پيو وات مان ايئن گگون وهڻ لڳس جهرو ڇتي ڪلر تي مينهن وٺو هجي. هو ڪو ٽن ڏينهن کان بکيو هو سو ڪيڪ تي ڪري پيو سڄو ڪيڪ کائي ويو. آخر ۾ دٻي تي لڳل ڪيڪ به چٽي ويو. ڪيڪ کائي مٿان پاڻي جي بالٽي پي چيائين هاڻي حڪم ڪريو سهڻا سائين. دل ۾ چيم هل ڙي ڪيڪ تنهنجا جادو اڳي خالي هٿين ايندو هئس ته شڪل خراب ڪري چوندو هو پڻهين جو اٺ آهي ڇا جو روز روز بيٺو آهين واندا! بحرحال مون کيس سڄو پروگرام ٻڌايو ته هن اشراف خوش ٿي مون کي اٺ به ڪاهي ڏنو ۽ ڪاٺ ڍوئڻ لاءِ ڀاڻس جي اٺ گاڏي به ڏني.

آئون اٺ گاڏي ڪاهي مياڻي ٻيلي ڏانهن وڃڻ لڳس. گس تي هڪ ڏاچي ڄار جي مڪ پئي چري، اٺ کي ڏسي کيس عشق جو دورو پيو ۽ ڪلام ڳائڻ لڳي “کڙي ڄار ڪي نيچي هون تو هيڪلي، هليا محبوب منهنجا ٽوڙائي مهار ناڪيلي!” ابا اٺ به ڪو ڌڻي وانگر عاشق مزاج هو. سو مهار ۽ رسا ٽوڙي گاڏي کان ٻاهر نڪتو چيومانس “ادا اٺ ڇا ٿيو ڪيڏانهن ٿو وڃين؟”  چيائين “ادا طوطن پيءُ عاشق مجبور آهي ڀلي ڪيڏو به ڪنڌار هجي.” وڃي ڏاچي وٽ پهتو ۽ عشقيه ڊائلاگ هڻڻ لڳو “منهنجي محبوبا تون ڪٿي هئين مون توکي آسمان تي پئي ڳوليو تون زمين تي ملي وئين!” اهو ٻڌي ڏاچي ڏاڍي متاثر ٿي ۽ گانو ڳائڻ لڳي “لگ جا گلي  ڪي پهر يه حسين رات هو نه هو، شايد اس جنم مين پهر ملاقات هو نه هو.” ڪلام ٻڌي اٺ به مست ٿي پيو ۽ پنهنجا شاهوڙ چپ کولي ڏاچي کي چٽڻ لڳو. اوچتو کيس عجيب ذائقو آيو سمجهي ويو ته ڏاچي کي گر جي بيماري آهي. آخر ته مٺو مهيري جهڙي دانشور جو اٺ هو ڪنهن گري گنجي جو اٺ ڪو نه هو سو ڏاچي کي ڇڏي موٽي آيو. پٺيان ڏاچي وري ڪلام ڳايو “ڪهڙي سبب سهڻا سنگت ٽوڙي وئين!” اٺ جواب ڏنس “گر جي بيماري اٿئي سهڻي نه ته ڪو نه ها ڇڏئين!” خير مون وري اٺ کي گاڏي ۾ جوٽيو ڪاٺ لوڊ ڪري ڳوٺان ورو واڍي کي ڪاٺ مٿان ويهاري سمنڊ جي ڪناري تي آيس. واڍو ٻيڙي ٺاهڻ لڳو مون اٺ ۽ گاڏي وڃي مٺي مهيري کي واپس ڏني. هن فرمائش ڪئي ته ٻاهرئين ملڪ کان واپس اچين ته مون لاءِ هڪ ڀلوڙ ڪمپليٽ سوٽ ۽ فرسٽ ڪلاس ٺونٺ جيڏي سينٽ جي شيشي آڻجان، جيئن ادبي محفلن ۾ لئي ڪري وڃُان، ساڻس ها ڪيم. هفتي کن ۾ ٻيڙي تيار ٿي وئي. ورو واڍي کي به ليکو ڏنم ته ولايت مان واپس اچي توکي پنج هزار ڊالر ڏيندس. اهو به راضي ٿي ويو. پوءِ طوطن، طوطن ماءُ، سنگت ساٿ ۽ مٽن مائٽن کان روئي موڪلائي سيڌو سامان، ڪاٺيون ۽ رڌ پچاءُ جو سامان ٻيڙي ۾ رکي آئون سمنڊ جي سفر تي هلي پيس. ونجهه هڻي هڻي منهنجون ٻانهون نڪري پيون. هوا لڳي ته بادبان ڪم ڪري نه ته ٺهيو جهڙو رلي پئي لوڙهي تي سڪي.

نيٺ بک اچي کنيو. ٿڪي به پيس تيسين هڪ ٻيٽ ڏسڻ ۾ آيو. مون وڃي ٻيٽ جي ڀرسان ٻيڙي بيهاري ٻيٽ جي زمين اڇي ۽ ترڪڻي هئي اتي ماني پچائڻ لاءِ باهه ٻري ته ٻيٽ ۾ زلزلو اچي ويو. ٻيٽ جي زمين ڏڪڻ لڳي، نيٺ اڳتي هلي ٻيٽ سمنڊ ۾ گم ٿي ويو. اصل ۾ اهو ٻيٽ ڪو نه هو سمنڊ جي ڪا وڏي مڇي هئي. آئون سمنڊ ۾ ائين پيو ٻانهون هڻان جهڙو سهڻي جو ڪچو دلو ٽٽي پيو هجي. بحرحال شڪر خدا جو آئون تارو هئس سو کنڀڙاٽيون هڻي هڻي وڃي ٻيڙي تائين پهتس ۽ ٿڪاوٽ ڪري ڦان ٿي سمهي رهيس. اٿيس ته صبح ٿي ويو هو. سوچيم جيسين ولايت پهچان تيسين گس ۾ گذاري ويندس ته طوطن ۽ طوطن ماءُ رلي ويندا. سو واپس وطن ورڻ جو پروگرام ٺاهيم. ٻانهون هڻي هڻي اچي ڪيٽي بندر پهتس. اتي مونواري ٻيڙي اوڻين پوڻين مهاڻن کي وڪڻي ڏنم. آئون ٻانهون هڻندو پنڌ ئي پنڌ ڳوٺ ڏانهن هلڻ لڳس. گس ۾ ڪيئي ڳوٺ آيا ڏٺم ته بلڊنگ نه هئڻ يا بلڊنگ تي بااثرن جي قبضي جي ڪري ٻار وڻن هيٺان پئي پڙهيا، بئنچون ۽ ڊيسڪون نه هئڻ ڪري ٻار پٽ تي پئي پڙهيا. اهو لقاءُ اکين سان ڏسي ڏک ۾ اکين ۾ رت اچي ويو. ڳوٺ پهتس طوطن ۽ طوطن ماءُ مون کي ڏسي خوشي ۾ ٺري پيا………. کين وڪيل ٻيڙي جا پئسا ڏيکاريم ته ماڳهين باغ بهار ٿي پيا. رات جو ٽي وي ۾ خبرون ٻڌم ته حيران ٿي ويس. اسان جي تعليم کاتي وارن پنجن هزارن واري ڊيسڪ اوڻٽيهه هزارن ۾ ورتي آهي. ايترن پئسن سان جي ايمانداري سان بئنچون وٺجن ها ته هڪ جي پاران ڇهه ڊيسڪون ملن ها. اسان جا لکين ٻارڙا جيڪي پٽ تي ويهي پڙهن ٿا سي فضيلت سان ڊيسڪن تي ويهي پڙهن ها. مٿان وري هڪ وزير صاحب کلي کلي بيان ڏنو ته وڻن هيٺان ويهي پڙهڻ سان ٻارن کي مزو اچي ٿو. دل ۾ چيم ڪاش کيس ڪير چئي ته صاحب توهان به مهانگن، ايئرڪنڊيشن، پرائيويٽ اسڪولن مان پنهنجا ٻار ڪڍي وڻن هيٺان سرڪاري اسڪولن ۾ ويهاريو ته ٻارن سان جيڪا حالت ٿيندي انجو ڏک توهان کي سمهڻ ڪو نه ڏيندو، هي سٽ ياد اچي وئي.

آءُ ڪيئن سيج سمهان، منهنجا ماروئڙا پڌري پٽ سمهن !