قصبو (ن پ ا) قصبو سميت ڪاڇي جي مختلف  علائقن ۽ ڳوٺن ۾ ڳائي ۽ ٻاڪري مال ۾ بيماري پکڙيل آهي، هفتي دوران ڏھ کان وڌيڪ ڍڳيون ۽ ٻڪريون مختلف بيمارين وگهي مري وڃڻ تي ڀاڳين ۾ پريشاني ڦھلجي وئي آهي، مال ۾ پکڙيل بيماري سبب لکين رپين جي ڍورن جي مرڻ جو سلسلو بند نٿي سگهيو، مئل ڍورن سبب علائقي ۾ سخت بدبوءِ پڻ ڦھلجي وئي آهي، جڏھن ته مال کي وقت سر ويڪسين نه ٿيڻ تي خطرناڪ بيمارين منهن ڪڍيو آهي، پر لاڳاپيل لائيو اسٽاڪ جي ملازمن ۽ عملدارن جون ڊيوٽيون هجڻ باوجود مال کي ويڪسين ناهي ڪئي وئي، سرڪاري ڊاڪٽرن بجاءِ ڀاڳيا مال جي عطائي ڊاڪٽرن کان ويڪسين ڪرائن ٿا،  ماهر ۽ سرڪاري ڊاڪٽرن طرفان چوپائي مال جو علاج نه ٿيڻ ڪري وچڙندڙ بيمارين منهن ڪڍيو آهي.  بيماري سبب  ڪاڇي جي ڳوٺ راڄو ڳنڍو، سم شريف، راڄوديرو، ٽوڙ ۾ هڪ هفتي اندر 15 کان وڌيڪ ڍڳيون مري ويون، جڏھن ته ڪاڇي جي شهر  ڊرگھ بالا  ۾ ٻن  ٻڪرين سميت ڪيترائي  جانور موت جي منهن ۾ هليا ويا آهن، غريب مالوندن جي روزگار جو وسيلو چوپايو مال مرڻ تي مالوندن ۾ سخت پريشاني سان گڏ  لائيو اسٽاڪ کاتي خلاف ڪاوڙ جي لهر پکڙجي وئي آهي، متاثر مالوندن شوڪت ڪوري، گلشير رند محمد خان لغاري امجد چانڊيو نظير آلکاڻي ۽ ٻين سنڌ سرڪار ۽ دادو ضلعي انتظاميه کان گهر ڪئي ته جلد ٽيمون موڪلي ڍورن کي ويڪسين سميت ٻيو علاج ڪيو وڃي، جيئن اسان جا وڌيڪ جانور مرڻ کان بچي پون.