فيصل آباد(م ڊ) قرباني واري عيد مٿان اچي وئي آهي ۽ ماڻهو جانورن جي خريداري ۾ مصروف آهن. ان سان گڏ ئي جانورن جا حادثا به ٿي رهيا آهن جنهن سان ڪيترن ئي ماڻهن کي نقصان پڻ پهتو آهي. فيصل آباد ۾ قرباني جو مڇريل ڍڳو ميڊيڪل اسٽور ۾ ڪاهي پيو، جنهن سان اسٽور کي نقصان پهتو ۽ دوائون خراب ٿي ويون. ڪجهه دير بعد ماڻهن اچي ڍڳي کي پڪڙيو ۽ وٺي ويا. ڪنهن به شخص کي نقصان نه پهتو.