ملير (رپورٽر) بحريان ٽائون جي والار، قديم وسندين تي ڪاھ ۽ ڳوٺاڻن کي زخمي ڪرڻ واري واقعي خلاف سخت ردعمل اهر ڪندي جسقم چيئرمين صنعان قريشيءَ چيو آهي ته پ پ سرڪار جي حمايت سان ڪاٺوڙ، گڏاپ سميت ڪوهستان جي قديمي ڳوٺن مٿان حملا کليل دهشتگردي آهي. هن وڌيڪ چيو ته بحريا انتظاميا کي سنڌ سرڪار ۽ زرداري حڪومت جي سپورٽ حاصل آهي، تنهن ڪري ڪوهستان جي ڳوٺاڻن کي ڪجهه به ٿيو ته ان جي ذميوار سنڌ سرڪار تي هوندي. هن مطالبو ڪيو ته زخمي ڳوٺاڻن جو ڪيس بحريان ٽائون انتظاميا مٿان داخل ڪيو وڃي. جسقم چيئرمين چيو ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، جنهن سبب ڪوٽڙي کان هيٺ سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جو ڦڙو به ناهي، لکين ايڪڙ زمين غير آباد ٿي وئي آهي، ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه هجڻ سبب ٺٽي ۽ سجاول جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ پائي رهيو آهي، ان ڪري ضروري آهي ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 10 ايم ايف پاڻي ڇڏيو وڃي.