ڄام نواز علي: ڳوٺ مجنو مگسي ۾ ڪارنهن الزام ۾ بي درديءَ سان قتل ٿيل عورت ڊيلا مگسي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. جنهن بعد علائقي ۾ چوٻول آهن ته ناريءَ جي وارثن مقتولا ناريءَ جو لاش بنا ڪفن ۽ جنازي نماز جي دفن ڪري ڇڏيو آهي. عورت ۽ نوجوان 2 هفتا اڳ پسند جي شاديءَ لاءِ گهران نڪتل هئا.